سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جو چاڙهه جاري، گڊو بئراج وٽ وڌيڪ 34 هزار ڪيوسڪ پاڻي داخل

سکر: سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جو چاڙهه جاري آهي، گڊو بئراج وٽ وڌيڪ 34 هزار ڪيوسڪ پاڻي داخل ٿيڻ بعد مٿانهون وهڪرو 5 لک 48 هزار 104 ۽ هيٺانهون وهڪرو 5 لک 20 هزار 86 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، گڊو وٽ وڏي ٻوڏ جي نتيجي ۾ ڪچي جو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو، ڪشمور ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ سوين ڳوٺ درياهي پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا، لوپ بندن تي پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌڻ بعد ڳوٺاڻا پهرو ڏيڻ لڳا، آبپاشي عملو آفيسز تائين محدود بڻيل آهن، جڏهن ته متاثر بندن ۽ ڪچي ۾ برساتي توڙي ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل آهن، متاثرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به مدد ناهي ڪئي، شديد پريشانين ۾ ورتل آهيون، بيماريون پيدا ٿي ويون آهن، سنڌ سرڪار قدم کڻي واهر ڪري، ڳوٺ ٻڏي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔