اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو جنهن جي 15 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي .
ذريعن موجب ڪابينا اجلاس ۾ ملڪي سياسي ، معاشي ۽ سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو .
ان کان سواءِ وزيراعظم ڪابينا کي ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان تي اعتماد ۾ وٺندو .
اجلاس ۾ ايف اي ٽي ايف بل جي منظوري تي ڪابينا کي بريفنگ ڏني ويندي جڏهن ته ناڻي واري وزارت جا عملدار ڪابينا کي معاشي حوالي سان بريفنگ ڏيندا .
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ قانون سازي ڪاميٽي جي مينڊيٽ ۾ واڌ ، وفاقي تعليمي بورڊ جي چيئرمين جي مقرري ۽ ڪابينا پورٽ قاسم ڪراچي ۾ ايل اين جي ٽرمينلز جي منظوري ڏيندي
ان کان سواءِ ڪابينا ايڪس ڪيڊر پوسٽس تي جڊيشل آفيسر ڀرتي ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ فيري سروس جي شروعات ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏيندي