مهمند ايجنسي ۾ ماربل جي کاڻ ويهجي وئي ، فوت ٿي ويلن جو انگ 21 ٿي ويو

پشاور: خيبرپختونخواهه جي ضلعي مهمند ۾ ماربلز جون کاڻون ويهي رهيون جنهن سبب فوت ٿي ويل مزدورن جو انگ 19 ٿي ويو آهي.

ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر طارق حبيب موجب ماربل  جي کاڻ ويهڻ جو واقعو  تعلقي صافي جي علائقي زيارت ۾ پيش آيو جتي ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺيان دٻجي ويا. ڊي پي او چيو آهي ته ملبي مان 19 مزدورن جا لاش ڪڍيا ويا، 6 مزدورن کي زخمي حالت ۾ ڪڍيو ويو آهي جنهن کي ويجهي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.  واقعي کان پوءِ پاڪ آرمي، ايف سي، پوليس ۽ ريسڪيو ادارا امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن. 

ڊي پي او موجب ملبو وڌيڪ آهي. ڳري مشينري نه هجڻ سبب پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر افتخار عالم  ان حوالي سان چيو آهي ته حادثي ۾ وڌيڪ فوتگين جو امڪان آهي  ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(پي ڊي ايم اي) سان امدادي ڪارروائين لاءِ ڳري مشينري طلب ڪئي وئي آهي. ريسڪيو اختيارني موجب پشاور ۽ چارسده مان ريسڪيو جا اضافي اهلڪار ضلعي مهمند پهچي ويا آهن جتي هو سرچ اينڊ ريسڪيو اوزارن سان گڏ هيوي مشينري ۽ ايمبولينس جي مدد سان آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

اختيارين ٻڌايو ته امدادي ڪارروايون جاري آهن ۽  اونداهي ۾ هيوي سرچ لائٽن جي  مدد سان  آپريشن ڪيو پيو وڃي. ياد رهي ته مذڪوره حادثو گذريل ڏينهن پيش آيو ماربل مائنز ۾ معمول موجب ڪم ٿي رهيو هو ته اوچتو کاڻ ڌماڪي سان ويهي رهي. اطلاع ملڻ تي امدادي  ٽيمون حادثي واري هنڌ پهچي ڪم شروع ڪري ڇڏيو هو. هينئر تائين 19 مزدورن جون لاشون ملبي مان ڪڍيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔