عمران خان جو ڪراچي لاءِ ڏنل پيڪيج صرف اعلان جي حد تائين محدود رهندو: سعد رفيق

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي ريلوي واري وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان ڪراچي جي عوام کي  سنهري خواب  ڏيکاري رهيو آهي ۽ ان جو ڪراچي پيڪيج صرف اعلان جي حد تائين ئي محدود رهندو.

احتساب عدالت لاهور ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته پوري قوم جون نظرون اي پي سي  ۽ ان جي نتيجن تي آهن. ماڻهو حڪمرانن کان تنگ اچي ويا آهن ۽ حڪومت جو طرز عمل عوام جي لاءِ ناقابل برداشت ٿي چڪو آهي.

سعد رفيق چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جو وفاقي بجيٽ سان ڪوبه  تعلق نه آهي هي سي پيڪ جو پراجيڪٽ آهي. عمران خان ڪراچي جي عوام کي  سنهري خواب ڏيکاري آهي ان جو  ڪراچي جي عوام لاءِ ڏنل پيڪيج صرف اعلانن جي حد تائين ئي محدود رهندو.

عمران خان اڳ  به اهڙا اعلان ڪري چڪو آهي. ان جو ڇا ٿيو.؟ ليگي اڳواڻ چيو ته حڪومت نٿي چاهي ته نوازشريف واپس اچي. ان معاملي ۾ صرف چورن کپايو پيو وڃي. نوازشريف کي واپس آڻي سنڀالڻ ۽ جيل ۾ وجهڻ حڪومت کي وڌيڪ پريشانين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔