پاڙيسري ملڪ ڀارت سدائين غير ذميواراڻي رويي جو مظاهرو ڪيو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي : آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته قائد اعظم ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو ۽ اسان اُن قول تي قائم آهيون، ڪشمير معاملي تي ڪابه لچڪ نه ڏيکارينداسين، اڳرايون توڙي ڌمڪيون اسان جي موقف تي اثرانداز نٿيون ٿي سگهن، پاڙيسري ملڪ ڀارت سدائين غير ذميواراڻي رويي جو مظاهرو ڪيو آهي، پاڪستان پُرامن ملڪ آهي پر اُن کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ يومِ دفاع جي حوالي سان ٿيل تقريب کي خطاب دوران آرمي چيف چيو ته دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج مڪمل طور تيار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔