ٻڪري امريڪي پوليس جا اهم دستاويز کائي وئي!!

واشنگٽن: هڪ عورت پوليس آفيسر تڏهن حيران ٿي وئي جڏهن هڪ ٻڪري آمريڪي پوليس جي گاڏي تي حملو ڪيو ۽ اهم دستاويز چوري ڪري ورتائين.
غير ملڪي خبرن جي ايجنسي جي هڪ رپورٽ مطابق جارجيا شهر ڊگلس ڪائونٽي ۾ پوليس جي گشتي گاڏي تي ٻڪري جي حملي جو اهو منفرد واقعو پيش آيو آهي ، جنهن خلاف پوليس ڪا قانوني ڪارروائي نٿي ڪري سگهي.
عورت پوليس اهلڪار هميشه وانگر گشت تي هئي ۽ پنهنجو فرض ادا ڪرڻ لاء ٿوري ڏير گاڏي مان ٻاهر نڪتي ته سندس پويان ٻڪري گاڏي ۾ داخل ٿي وئي ء ان اهم دستاويز کائي ورتا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔