وزيراعظم عمران خان ڪراچي پهچي ويو، اهم اجلاس جِي صدارت ۽اعلان ڪندو

ڪراچي : وزيراعظم عمران خان اڄ سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي پهچي ويو ، ڪراچي جي هوائي اڏي تي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ جي وڏي وزير سندس آجيان ڪئي ، وزيراعظم اڄ شهر جَي حوالي سان اهم اجلاس جِي صدارت ڪرڻ بعد ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جو اعلان ڪندو، وزيراعظم ۽ سنڌ جَي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وچ ۾ به ملاقات جو امڪان به آهي. ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان تحت ترقياتي منصوبن جا تفصيل سامهون اچي ويا، ذريعن موجب پلان ۾ 802 ارب رپين جا ترقياتي منصوبا شامل آهن، ماس ٽرانزٽ سسٽم جِي 6 رٿائن لاءِ 447 ارب ۽ 43 ڪروڙ رپيا رکيا ويندا، ڪراچي ۾ سرڪلر ريلوي لاءِ چين 250 ارب ۽ سنڌ سرڪار 50 ارب رپيا ڏيندي، سيوريج جا 8 ۽ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جا 4 ۽ روڊن جا منصوبا به پيڪيج ۾ شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔