سنڌ حڪومت پاران افتخار شالواڻي کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت گريڊ 21 جي سينئر آفيسر افتخار شالواڻي کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪابينه ميمبرن جي مشاورت سان ان جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ حڪومت جي ڀروسي جوڳن ذريعن افتخار شالواڻي جي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته  سنڌ جي وڏي وزير  ان جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته ٻين شهرن جي بلدياتي ڪائونسلز ۾ به سرڪاري آفيسرن کي ئي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويندو.

واضح رهي ته افتخار شالواڻي کي گذريل مهيني ڪمشڻر ڪراچي جي عهدي تان هٽائي  مڪاني کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو. هاڻ کيس ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ کان پوءِ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري جون ذميواريون واپس ورتيون وينديون.

ياد رهي ته افتخار شالواڻي ڪراچي ۾ بطور ڪمشنر ذميواريون ادا ڪري چڪو آهي. صوبي ۾ بلدياتي ادارا ختم ٿيڻ جي چئن ڏينهن کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔