ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ چوٿين ڏينهن به حددخلين خلاف آپريشن جاري

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڄ چوٿين ڏينهن  به حددخلين جي خلاف آپريشن جاري آهي. ضلعي وسطي جي مختلف علائقن ۾ حددخلين جي خلاف انتظاميه جون ڪارروايون جاري آهن ۽ گجر نالي جي ڀرپاسي ۾ آپريشن جو  پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي.

گجر نالي جي ڀرپاسي ۾ حددخلين جي خلاف آپريشن جي پهرين مرحلي ۾ دڪانن جي ٻاهران موجود شيڊز ۽ پتهارن کي هٽايو ويو آهي. جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ گهرن کي  به ڊاهي پٽ ڪيو ويندو جنهن جو اندازو لڳايو پيو وڃي ته ڪيترا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويندا.

گجر نالي جي ٻنهي پاسن کان 105 فٽ تائين حددخلين کي هٽايو ويندو. جڏهن ته گجر نالي جي ڀرپاسي ۾ ڪيترائي گهر ۽ بنگلا موجود آهن جنهن کي هٽائڻ جي لاءِ انتظاميه کي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو. سنڌ حڪومت طرفان متاثرين کي متبادل جڳهه ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر اڃان تائين ڪي به متبادل انتظام نه ڪيا ويا آهن.  ٻئي طرف ڊاڪٽر ضياءُالدين اسپتال جي  پاسي ۾ موجود پتهارن ۽ دڪانن جي شيڊز کي اڄ هٽايو پيو وڃي.

گذريل ڏينهن گجر نالي جي ڀرپاسي جي آبادي جي ماڻهن حڪومت جي خلاف مظاهرو ڪيو هو. نالي جي ڀرپاسي ۾ 23 هزار گهر تعمير آهن ۽ متاثرين جو چوڻ آهي ته  صرف غريبن جا ئي گهر نه پر بااثر ماڻهن جا تعمير ڪيل گهر به ڊاهيا وڃن. گجر نالي جي صفائي جو آپريشن ٽن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو.

16 ڪلو ميٽر ڊگهو گجر نالو شهر جي 38 وڏن نالن مان هڪ آهي. جيڪو نيو ڪراچي کان ايف سي ايريا تائين پکڙيل آهي. هي نالو نيو ڪراچي، گودهرا، لياقت آباد، بفرزون، گلبرگ، موسيٰ ڪالوني ۽ ايف سي ايريا وٽان گذرندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔