سنٿيارچي گهرو وزارت پاران ويزه ۾ واڌ نه ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن چيلنج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: آمريڪي عورت سنٿيا ڊي رچي گهرو وزارت جو ويزه ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن  چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

آمريڪي عورت سنٿيا ڊي رچي پنهنجي وڪيل جي ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته  گهرو وزارت ڄاڻي واڻي ڪيس جي پيروي کان روڪي رهي آهي. درخواست ۾ گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي ڌر بنايو ويو آهي. سنٿيا رچي عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته  ويزه ۾ واڌ  کي رد ڪرڻ واري ٻه سيپٽمبر جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ گهرو وزارت کي ورڪ ويزه ۾ واڌ جو حڪم ڏنو وڃي.

سنٿيا رچي جو چوڻ هو ته ويزه بابت دستاويز فراهم ڪرڻ جي باوجود گهرو وزارت واڌ رد ڪئي. گهر وزارت نه ٻڌو نه پنهنجي حڪم ۾ سببن جو ذڪر ڪيو. منهنجي خلاف حڪم جاري ڪرڻ کان اڳ مون کي ٻڌو وڃڻ منهنجو قانوني حق آهي. اسپانسر جي تبديلي سبب ورڪ بزنس ويزه جي لاءِ هڪ ٻئي درخواست ڏني.

آمريڪي عورت چيو ته ڪورونا سبب منهنجي نئين درخواست تي ڪوبه فيصلو نه ٿيو. گهرو وزارت هاءِ ڪورٽ جي سامهون چيو  هو ته مان نه رياست مخالف ۽ نه وري  غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث آهيان. مون به پاڪستان ۾ ڪيس داخل ڪيا آهن، منهنجي خلاف به ڪيس هلي رهيا آهن. گهرو وزارت حڪم جاري ڪندي قانوني گهرجون پوريون ناهن ڪيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔