ڪي اليڪٽرڪ کي حڪومتي تحويل ۾ وٺڻ بابت سنجيدگي سان غور ڪرڻو پوندو: اسد عمر

ڪراچي :هاڻي سنجيدگي سان غور ڪرڻو پوندو ته ڪي اليڪٽرڪ موجوده مالڪن وٽ رهڻ گهرجي يا اُن کي حڪومتي تحويل ۾ ورتو وڃي، سُپريم ڪورٽ جي ريمارڪس پٽاندڙ ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس ۾ تبديلي به ڪري سگهجي ٿي، ڪراچي جي دوري تي پهتل وفاقي وزير اسد عمر ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس ۾ اختيارين سان ملاقات بعد ڳالهيون ڪيون، اسد عمر چيو آهي ته هن وقت ڪراچي کي سياست نه پر عملي ڪم جي ضرورت آهي، شهباز شريف اليڪشن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪراچي پهتو ۽ عوام بدران آصف زرداري سان ملاقات ڪري واپس هليو ويو، تنقيد ڪرڻ سولو آهي پر اسان کي ڪراچي شهر کي بهتر بڻائڻو آهي، وفاقي حڪومت جو هن وقت سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڪراچي شهر تي آهي، ڪراچي ۾ انفرا اسٽرڪچر، بجلي، پيئڻ جي پاڻي ۽ نيڪال جي نظام جا وڏا مسئلا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔