تعليمي ادارن کي 15 سيپٽمبر کان ايس او پيز تحت مرحلي وار کولڻ جي سفارش ڪئي آهي: سعيد غني

ڪراچي: تعيلم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪورونا جي ڪري بند پيل تعليمي ادارن کي ايس او پيز تحت مرحلي واري کولڻ جي سفارش ڪئي آهي .

تعليم واري وزير جي صدارت هيـٺ تعليم کاتي جي اسٽرينگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ تعليمي ادارن کي کولڻ ۽ جاري ڪيل ايس او پيز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .

ان موقعي تي سعيد غني جو چوڻ هو ته تعليم واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ صوبائي وزيرن جو اجلاس 7 سيپٽمبر تي ٿيندو ، جنهن ۾ تعليمي ادارن کي کولڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.

هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال گهڻي حد تائين بهتر آهي ، ايس او پيز کي فائينل ڪيو آهي ۽ ڪجه سفارشون به ڏنيون آهن .

سعيد غني جو چوڻ هو ته سفارشن موجب 15 سيپٽمبر کان سڀئي تعليمي ادارا گڏ نه کوليا وڃن ، تعليمي ادارن  کي مختلف اسٽيج تي کوليو وڃي .

سندس چوڻ هو ته ڪميٽي سفارشن موجب 15 سيپٽمبر کان نائين درجي کان مٿاهين جي ڪلاسز کي کوليو وڃي ، 6 هين کان اٺين درجي تائين 21 سيپٽمبر ۽ پري پرائمري کان 5 درجي تائين ڪلاسن کي 28 سيپٽمبر تي کوليو وڃي .

سعيد غني جو چوڻ هو ته اسان تعليمي ادارن جي حوالي سان7  سيپٽمبر تي اين سي او سي جي اجلاس کانپوءِ ڪو حتمي اعلان ڪنداسين .

تعليم واري وزير جي ترجمان ٻڌايو ته نائين ۽ ڏهين درجي جي امتحان جو نتيجو 15 سيپٽمبر تي جاري ڪيو ويندوجڏهن ته يارهين ۽ ٻارهين درجي جي امتحان جي نتيجي جو اعلان 30 سيپٽمبر تي ڪيو ويندو .

ترجمان موجب نتيجن جي اعلان کان هڪ هفتي کانپوءِ مارڪ شيٽون تعليمي ادارن ۾ اچي وينديون .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔