پيپلز پارٽي حڪومت پاران صوبي ۾ پهرين جنوري 2021 کان بينظيرمزدور ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ جي تعليم ۽ مزدور کاتي جي وزيرسعيد غني چيو آهي ته حڪومت بي نظير ڀٽو مرحوم جي 2008 واري منشور کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ عملي طور قدم کنيا آهن ۽ سال 2021 جي جنوري کان مزدور ڪارڊ جاري ڪيو ويندو.

هن اهو اعلان سنڌ ايمپلائز سوشل سيڪورٽي انسٽي ٽيوشن (سيسي) هيڊ ڪوارٽر ۾ سيسي ۽ نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اتهارٽي (نادرا) وچ ۾ بي نظير ڀٽو مزدور ڪارڊ معاهدي تي صحيح ڪرڻ واري تقريب ۾ خاص ڳالهه ٻوله ڪندي ڪيو.

هن چيو ته سنڌ اڪيلو صوبو آهي جنهن 18 هين ترميم کانپوءِ مزدور کاتي ۾ 16 انقلابي قانون جوڙيا آهن ۽ هاڻي انهن مزدورن کي وڌيڪ سهولتن جي فراهمي لاءِ بي نظير ڀٽو مزدور ڪارڊ جي حوالي سان نادرا سان معاهدو ڪيو آهي .

هن ٻڌايو ته پهريون بي نظير مزدور ڪارڊ پهرين جنوري 2021 کان جاري ڪيو ويندو۽ پهرين مرحلي ۾ 6 لک 25 هزار سمارٽ ڪارڊ انهن ورڪرز ۽ مزدورن لاءِ ٺاهيا ويندا جن جا مينوئل ڪارڊ هن وقت سيسي تحت آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔