ڪوئٽا: سرياب روڊ تي موٽرسائيڪل ۾ ڌماڪو، 4 ماڻهو زخمي

ڪوئٽا: سرياب روڊ تي موٽرسائيڪل ۾ ڌماڪي سان 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب ڪوئٽا ۾ سرياب روڊ تي ولي جيٽ جي علائقي ۾ ڌماڪو موٽرسائيڪل ۾ ڌماڪي وارو مواد ڦاٽڻ سان ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا خمي ٿيا.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس، ايف سي ۽ ريسڪيو اهلڪار موقعي تي پهچي ويا، سيڪيورٽي اهلڪارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو جڏهن ته ريسڪيو اهلڪار زخمين کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال کڻي آيا.

ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪي سان 4 موٽرسائيڪلن کي باهه لڳي وئي.   

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔