سشانت سنگهه راجپوت ڪيس: رياچڪربورتي پاڻ مٿان آيل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

ممبئي: رياچڪربورتي پاڻ مٿان آيل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته مان به ڄاڻڻ چاهيان ٿي ته سشانت سنگهه کي ڇا ٿيو هو.
سشانت سنگهه جو معاملو هر گذرندڙ ڏينهن سان مونجهاري جو شڪار ٿيندو پيو وڃي ۽ هر نوان انڪشاف ٿي رهيا آهن.
هاڻ سشانت سنگهه جي موت بابت الزامن ۽ جاچ جي کي منهن ڏيندڙ اداڪاره رياچڪربورتي ڀارتي ميڊيا کي ڏنل مختلف انٽرويوز ۾ پنهنجي خلاف الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته هن اداڪار کان هڪ رپيو به نه ورتو هو.
اداڪاره اهو به چيو ته هوءَ ڄاڻڻ چاهي ٿي ته 8 جون کان 14 جون جي وچ ۾ سشانت سنگهه کي ڇا ٿيو هو جڏهن هوءَ ان سان گڏ نه هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔