ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي ۾ هڪ ٻيو ڪشميري نوجوان شهيد

سري نگر: ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي اڃان به جاري آهي ، جنهن  ۾ هڪ ٻيو ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويو آهي

ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪشمير جي وادي ضلع باره مولا جي هڪ ڳوٺ ۾ ڀارتي فوج اندرين ۽ ٻاهرين علائقن کي بند ڪري سرچ آپريشن ڪئي ۽ گهر گهر تلاشي ورتي ۽ چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائيمال ڪيو ، ڪارروائي دوران عورتن سان بدتميزي ڪئي وئي ۽ وڏڙن کي هراسان ڪيو ويو .

نالي ماتر سرچ آپريشن دوران ڀارتي فورسز هڪ نوجوان کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀرپور لتاڙ ڪندي لا ش کي ان جي وارثن کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔