ڪراچي ۾ پاڪ فوج جون امدادي ٽيمون امدادي ڪمن ۾ مصروف

راولپنڊي: ڪراچي ۾ پاڪ فوج جون امدادي ٽيمون امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن . پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ڪراچي ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ پاڪ فوج جون امدادي ٽيمون امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن ۽ ڪراچي جي هيٺاهين علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جو ڪم جاري آهي .

واضح رهي ته ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن گجگوڙ سان ٿيل برسات جي نتيجي ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي هئي جڏهن ته رستا ندي نالن جو منظر پيش ڪري رهيا هئا .

ڪجهه علائقن ۾ نالا ڦاٽي پيا هئا ۽ گندو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو هو جڏهن ته گهٽيون واهه ۽ تلاءَ بڻجي ويون هيون .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔