ناليواري اديب ،ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس اشفاق احمد جي سالگره

ويهين صدي جي ناليواري اديب ،ڊراما نويس ۽ داستان گو اشفاق احمد جي اڄ 95 هين سالگره ملهائي پئي وڃي

 اشفاق احمد جو ڳاڻيٽو انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو جن ادب جي دنيا ۾ پنهنجو الڳ ۽ منفرد مقام ٺاهيو ۽ سدائين امر ٿي ويو.

اردو ادب ۾ اشفاق احمد جهڙيون ڪهاڻيون لکڻ جو فن ڪنهن ٻئي کي نه ملي سگهيو ، اهو ئي سبب آهي جو هن جيڪا ڪهاڻي گڊريا لکي ، تنهن کيس ادب جي آسمان تي پهچائي ڇڏيو

اشفاق احمد 22 اگسٽ 1925 ۾ هندستان جي صوبي اتر پرديش ۾ ڄائو، بعد ۾ سندس خاندان لڏي لاهور آيو جتي هن ماسٽر به ڪئي ۽ ديالا سنگهه ڪالج لاهور ۾ ليڪچرار طور نوڪري به ڪئي.

جنرل ضيا جي دور ۾ کيس وزيرتعليم جوصلاحڪار به مقرر ڪيو ويو ،پنجابي ٻولي کي هن جهڙي ريت پنهنجين ڳالهين ۽ ڪهاڻين ۾ اوتيو ان جو ڪو به مثال نه ٿو ملي.

اشفاق احمد کي صدارتي تمغي سان گڏ ٻيا ڪيترائي انعام پڻ ڏنا ويا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔