نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي اين آر او جي ڳولا ۾ آهن، ڪجهه به ٿي پوي، عمران خان اين آر او نه ڏيندو:شيخ رشيد

لاهور :نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي اين آر او جي ڳولا ۾ آهن، ڪجهه به ٿي پوي، عمران خان اين آر او نه ڏيندو، وزيراعظم عمران خان اڳ ئي نواز شريف جي پرڏيهه وڃڻ تي پڇتائي رهيو آهي، وفاقي وزير شيخ رشيد مخالف ڌُر کي مئل ۽ ٿڪل اپوزيشن قرار ڏيندي چيو آهي ته اُها عمران خان کي ڪجهه به نٿي ڪري سگهي، اپوزيشن جي پلگ ۾ ڪچرو اچي ويو آهي، هاڻي سندن انجڻ دونهون ڇڏي رهي آهي، اُن سان ڪوبه فرق نه پوندو، اي پي سي اپوزيشن کي پاڻ کي ڳچي ۾ پئجي ويندي، نواز شريف ايڏو معصوم نه آهي جو شهباز شريف واري غلطي ڪري، شهباز شريف تقرير ڪندو پر تحريڪ نه هلائيندو، مولانا فضل الرحمان تحريڪ هلائي سگهي ٿو پر مدرسي وارن کي سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته اهو وقت جو ذيان هوندو، فضل الرحمان چاهي ٿو ته ڪنهن جي به حڪومت نه رهي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو ته جهانگير ترين ڏيهه واپس ايندو، هو پرڏيهه ۾ رهي ڇا ڪندو؟ ريلوي ۾ ڪانٽريڪٽي ملازمن کي پڪو ڪيو ويندو، ڪنهن به ملازم کي فارغ نه ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔