اسلام آباد کان گلگت ويندڙ پي آءِ اَي جون 2 اڏامون موسم جي خرابي سبب واپس

اسلام آباد :اسلام آباد کان گلگت ويندڙ پي آءِ اَي جون 2 اڏامون موسم جي خرابي سبب واپس موٽي آيون، ٽئين اڏام ملتوي ڪئي وئي، پي آءِ اي ترجمان موجب ٽئي اڏامون سڀاڻي ٻيهر شيڊول ڪيون وينديون. اسلام آباد کان گلگت ويندڙ پي آءِ اي جون 2 اڏامون تيز هوائن سبب واپس موٽي آيون، جنهن کانپوءِ شيڊولڊ ٽئين اڏام معطل ڪئي وئي. پي آءِ اي ترجمان موجب پي ڪي 603 ۽ پي ڪي 605 گلگت ايئرپورٽ تي پهتيون ته 15 ناٽيڪل ميل جي رفتار سان تيز هوا هلي رهي هئي، جنهن سبب ٻئي اڏامون لينڊنگ ڪرڻ کانسواءِ واپس موٽي آيون. پي آءِ اي ترجمان موجب ٽئي اڏامون سڀاڻي ٻيهر شيڊول ڪيون وينديون………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔