نواز شريف پنجاب حڪومت جي درخواست تي علاج لاءِ برطانيا ويل آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد : مسلم ليگ نون جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ميان نواز شريف پنجاب حڪومت جي درخواست تي قانوني طريقي سان علاج ڪرائڻ لاءِ برطانيا ويل آهي، عمران خان جهانگير ترين کي لنڊن مان گهرائڻ لاءِ لاڳاپيل قانوني آپشنز استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪريو. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي سياست نواز شريف کان شروع ۽ نواز شريف جي نالي تي ختم ٿئي ٿي، ڇوته پنهنجي ڪرپشن ۽ نالائقي لڪائڻ لاءِ نواز شريف خلاف بيان ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو. هن چيو ته عمران صاحب مهانگائي کي 13 سيڪڙو مان 3 سيڪڙو ڪرڻ جا انتظام تيز ڪرڻ لاءِ هدايت ڪريو ۽ کنڊ جي قيمت 110 رپين مان 52 رپيا في ڪلو ڪرڻ لاءِ به اجلاس گهرايو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان اين آر او واري موقف سان عوام کي هاڻي بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي……….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔