سنڌ جي ورهاڱي وارين سازشن ۽ ڪراچي ڪميٽي خلاف ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ اي پي سي جاري

ڪراچي: سنڌ جي ورهاڱي وارين سازشن ۽ ڪراچي ڪميٽي خلاف ايس ٽي پي جي ميزباني ۾ اي پي سي جاري آهي، حيدرآباد ۾ جاري اي پي سي ۾ ايس يو پي، نواز ليگ، جي يو آءِ ۽ عوامي تحريڪ سوڌو ٻين جماعتن جا نمائندا شريڪ، ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه ڪراچي ڪميٽي کي غيرآئيني قرار ڏيندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي منافقت واري پاليسي ختم ڪري، پ پ حڪومت هڪ پاسي ڪميٽي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ته ٻئي پاسي مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ڪميٽي جوڙڻ لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته پيپلز پارٽي انڪار ڇو نه ڪيو؟ ڪراچي ڪميٽي سنڌ جي ٻيٽن سوڌو ٻين وسيلن تي قبضن جي سازش قرار، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪميٽي ذريعي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪيو آهي، آخري دم تائين اهڙي سازش کي ناڪام بڻايو ويندو، پيپلز پارٽي عوام جي نمائندن جماعتن سان صلاح مشورن کانسواءِ سنڌ جي قسمت جو فيصلو نٿي ڪري سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔