ڪراچي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس، وفاق جي ڪمن جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي: ڪراچي بابت وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاق جي ڪمن جي رفتار کي تيز ڪرڻ تي زورڏنو ويو .

وزيراعليٰ هائوس سنڌ ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزيرن تي ٻڌل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو  جنهن ۾ وفاقي وزير اسد عمر،علي زيدي ۽ امين الحق جڏهن ته وڏو وزير مراد علي شاهه ،تعليم وارو وزير سعيد غني ۽ بلديات وارو وزير ناصر شاهه شامل هئا .

اجلاس ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي ترقياتي منصوبن، ڪراچي ۾ بارشن سان پيدا ٿيل صورتحال ، مستقبل ۾ نالن جي صفائي کان سواءِ ٻين معاملن تي ڳاله ٻولهه ڪئي وئي.

صوبائي وزيرن زور ڏنو ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به وفاق پاران جاري ڪمن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔