نوازشريف جي ضمانت ختم ٿي وئي، هاڻي هو مفرورآهي:شهزاد اڪبر

لاهور : احتساب بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته ن ليگ صدر شهباز شريف ذميواري جو ثبوت ڏيندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي واپس آڻي، ڇو ته هو ان جو ضمانتي آهي.

لاهور ۾ پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته 29 آڪٽوبر 2019 ۾ نواز شريف کي هاءِ ڪورٽ طبي بنيادن تي 8 هفتن لاءِ ضمانت ڏني هئي، 16 نومبر 2019 ۾ نواز شريف جو اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي درخواست تي فيصلو آيو، 23 ڊسمبر 2019 تي نواز شريف جي ضمانت ختم ٿي هئي ته پنجاب حڪومت کي درخواست ڏني وئي، پنجاب حڪومت ميڊيڪل بورڊ ٻيهر جوڙيو، ميڊيڪل بورڊ نواز شريف طرفان فراهم ڪيل تفصيل اڻپورا سمجهيا.

هن چيو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شرط رکيو هو ته ضمانت جو مدو وڌائڻ لاءِ پنجاب حڪومت کي چيو وڃي، ميڊيڪل بورڊ چيو ته طبي بنيادن تي ضمانت ۾ واڌ لاءِ فراهم ڪيل تفصيل ڪافي ناهن، جنهن کانپوءِ حڪومت طرفان 2 مارچ 2020 تي برطانوي حڪومت کي خط لکيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته نواز شريف جي ضمانت ۾ واڌ نه ٿي، هاڻ ان جو اسٽيٽس مفرور جو آهي.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف لنڊن ۾ پنهنجي علاج جو ڪو هڪ ثبوت به پيش نه ڪري سگهيو، عدالت نواز شريف کي پابندي ڪيو ته هو پنهنجي علاج بابت آگاهه ڪندو رهي، پاڪستان ۾ ٻٽو معيار نٿو ٿي سگهي ته ٻين سزا يافته ماڻهن کي پيرول نه ملي، نواز شريف هڪ سزا يافته جوابدار آهي، پيرول تي رهائي محدود وقت لاءِ هوندي آهي، نواز شريف کي ٻن ڪيسن ۾ سزا ٿي چڪي آهي ۽ هو لنڊن جي روڊن تي مزي سان گهمي رهيو آهي، اها ذاتي ڳالهه ناهي، انصاف جي نظام سان مذاق ۽ منهن تي چماٽ آهي.

شهزاد اڪبر موجب شهباز شريف هونئن ته وڏي ذميواري ڏيکاريندو آهي، هاڻ نواز شريف جي واپسي به شهباز شريف جي ذميواري آهي، نواز شريف جي ضمانتي شهباز شريف کان به پڇيو ويندو.

ان موقعي تي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان کي چئون ٿا نيب ۾ نه وڃو، کين جيل ڀريو تحريڪ جي صلاح ڏيون ٿا.

هن چيو ته مريم نواز نيب سامهون ڊرامو پنهنجي چاچي شهباز شريف ۽ ڪزن حمزا شهباز جي سياست ختم ڪرڻ لاءِ ڪيو، جيڪڏهن ان کي شرم هجي ته ٻڏي مري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔