ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف حصن ۾ ٻئي ڏينهن به تيز برسات

ڪراچي : سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي سميت صوبي سنڌ جي مختلف حصن ۾ ٻئي ڏينهن به تيز برسات جاري رهي. ڪراچي ۾ گجگوڙ سان تيز برساتن ٻيهر ڪيترن ئي علائقن کي ٻوڙي ڇڏيو، ڪيترن ئي هنڌن تي گذريل ڏينهن وارِي برسات جو پاڻي به اڃا تائين بيٺل هجڻ ڪري رهواسي سخت پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا. ميرپورخاص، عمرڪوٽ، چيلهار، سامارو، سڪرنڊ، قاضي احمد، ڀان سيد آباد، ڪُنري ۽ ڀرپاسي جَي علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز هوا سان برسات، موسم خوشگوار ٿي وئي. اڄ به ڪراچي ۾ 100 ملي ميٽر تائين برسات پوڻ بعد هيٺانهين وارن علائقن ۾ شهري ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو. موسميات کاتي سنڌ ۾ 25 آگسٽ تائين وقفي وقفي سان برسات جاري رهڻ جِي اڳڪٿي ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔