ڀارت ۾ ڪورونا ڪنٽرول کان ٻاهر، متاثرن جو انگ 30 لک ٿي ويو

نئين دهلي: ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 30 لکن کان وڌي ويو.
ڀارت جي طبي ذريعن تصديق ڪئي ته ملڪ ۾ وائرس جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن جي انگ ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي.
انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڀارت ۾ ڪورونا وبا تقريبن 70 هزار ماڻهن کي متاثر ڪيو.
ڪورونا وبا جي نتيجي ۾ ڀارت ۾ فوتين جو گڏيل انگ به 56 هزار 7 سئو کان وڌي ويو آهي.
واضح رهي ته آمريڪا ۽ برازيل کانپوءِ ڀارت دنيا ۾ ڪورونا وائرس سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔