آمريڪا ۾ پوليس هٿان هڪ ٻيو ڪاري نسل جو شهري مارجڻ بعد احتجاج

واشنگٽن: آمريڪا ۾ پوليس هٿان هڪ ٻئو ڪاري نسل جو شهري مارجڻ کانپوءِ نئين سر احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
آمريڪي رياست لوئزيانا ۾ پوليس طرفان هڪ ڪاري نسل جي شهري کي گولي هڻي مارڻ جي تازي واقعي کانپوءِ ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا شروع ٿي ويا آهن، جڏهن ته اوريگون رياست جي شهر پورٽ لينڊ ۾ احتجاج ڪندڙن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن وچ ۾ جهيڙو به ٿيو.
مارجي ويل آفريقا ڄائي آمريڪي شهري ٽريفورڊ پيليرين جي ماءُ صحافين کي ٻڌايو ته سندس پٽ ذهني بي چيني جو شڪار هو پر پوليس موجب هو چاقو سان ليس ٿي هڪ اسٽور ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
واضح رهي ته هلندڙ سال مئي ۾ پڻ ڪاري نسل جي شهري جارج فلوئڊ جي پوليس آپريشن ۾ مارجڻ کانپوءِ سخت احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو هو، جيڪو نسل پرستي خلاف هڪ علامت طور سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔