پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اهم دوري تي چين روانو

اسلام آباد: پرڏيهي وزيرشاهه محمود قريشي اهم دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي . پنهنجي دوري ۾ هو چين جي قيادت سان ملاقاتون ڪندو .

ملاقاتن ۾ سڪيورٽي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي ۽ سي پيڪ ، لداخ ۽ خطي جي سڪيورٽي صورتحال تي به ويچاريو ڪيو ويندو.

چين جي دوري دوران پرڏيهي وزير سان پرڏيهي سيڪريٽري به گڏ آهي، دوري دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڳالهين جي ٻئي دور ۾ شرڪت ڪندو

پرڏيهي وزير جي دوري دوران سي پيڪ فيز 2 سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌائڻ تي به ڳالهيون ٿينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔