نااهلي ڪيس : وفاقي وزير فيصل واوڊا کي ٻيهر نوٽيس جاري، جواب طلب

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي بابت درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي .

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس عامر فاروق وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي جي لاءِ ميان فيصل ايڊوڪيٽ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي . جنهن ۾ فيصل واوڊا پاران ڪوبه وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيو .

جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ۽ وفاق پاران نمائندا عدالت ۾ پيش ٿيا، درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 7 مهينا گذرڻ باوجود فيصل واوڊا پاران جواب جمع نه ڪرايو ويو آهي ، هي ماڻهو آئيني عدالت کي ايترو سولو ڇو ٿو وٺن؟ فيصل واوڊا کي ذاتي حيثيت ۾ گهرايو وڃي .

ان تي جسٽس عمر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا اخبار ۾ اشتهار ڏياريون ، ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا نااهلي ڪيس ۾ عدالت ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرايو .

بعد ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي وزير فيصل واوڊا کي نااهلي جي درخواست تي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي 17 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔