پي ٽي آءِ حڪومت آئي ته ملڪي خساري کي 20 ارب رُپين مان 3 ارب رُپيا ڪيو:حفيظ شيخ

اسلام آباد: پي ٽي آءِ حڪومت آئي ته ملڪ کي ڏيوالي جو خطرو هو، موجوده حڪومت سڀ کان پهرين ڏکيا فيصلا ڪري خساري کي 20 ارب رُپين مان 3 ارب رُپيا ڪيو، ناڻي بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون حفيظ شيخ ٻن سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪندي چيو آهي ته مالي بحران مان نڪرڻ لاءِ وڏا فيصلا ڪيا ۽ آءِ ايم ايف سان تاريخي معاهدو ٿيو، مالي بحران جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اليڪشن ۾ حد کان وڌيڪ خرچ ۽ منصوبن تي خرچ کي نظرانداز ڪرڻ آهي، ٻن سالن ۾ حڪومتي خرچن کي ڪنٽرول ڪيو ۽ فوج جا خرچ به منجمد ڪري ڇڏيا، اُن لاءِ صدر، وزيراعظم ۽ عسڪري قيادت جا ٿورائتا آهيون، ٽئڪس اوڳاڙي 17 سيڪڙو وڌي وئي هئي، بدقسمتي سان ڪورونا جي صورتحال ۾ روينيو اوڳاڙي متاثر ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔