وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد:  وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٿيندو. رپورٽ موجب وفاقي ڪابينه جي اجلاس جو 10 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا به جاري ڪيو ويو آهي.

ڪابينه اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ سلامتي  وارن معاملن تي غور ڪيو ويندو. جڏهن ته وفاقي ڪابينه کي ٻن سالن جي ڪارڪردگي تي به بريفنگ ڏني ويندي.

اجلاس ۾ ڪابينه سرجيڪل ۽ اين 95 ماسڪ کي گهرائڻ جي منظوري ڏيندي ۽ پارلياماني ڪميشن اٿارٽيز ۽ بورڊ ۾ ميمبرن جي مقررين بابت به بريفنگ ڏني ويندي.

وفاقي ڪابينه پي ٽي وي ملازمن تي لازمي سروس ايڪٽ لاگو ڪرڻ جي منظوري ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔