موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ  به برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ وچولو رهندو. جڏهن ته اسلام آباد سميت پنجاب جي ٻين علائقن ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

مٿانهين خيبرپختونخواهه،  مٿانهين پنجاب، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ به کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

اسلام آباد، پهاليه سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ رات دير سان ٿيندڙ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو جنهن سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ به برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو.

گذريل ڏينهن سڀني کان وڌيڪ برسات پنجاب جي شهر سيالڪوٽ ۾ 40 ملي ميٽر، راولپنڊي ۾ 15 ملي ميٽر، اسلام آباد ۾ 12 ملي ميٽر، گوجرانوالا ۾ 13 ملي ميٽر، گجرات ۾ 02 ملي ميٽر، سنڌ جي علائقي ڇور ۾ 04 ملي ميٽر، بدين ۾ هڪ ملي ميٽر، خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪاڪول ۾ 06 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

سومر واري ڏينهن سڀني کان وڌيڪ گرمي نوڪنڊي 46 ڊگري سينٽي گريڊ، دالبدين، سبي، چلاس  ۽ دادو جو گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔