پي ٽي آءِ حڪومت جا 2 سال مڪمل ، اهم وزارتن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ تي اهم وزارتن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي .

ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته جمهوريت ۾ حڪومت عوام آڏو جوابده هوندي آهي ۽ اسان عوام آڏو ٻن سالن جي ڪارڪردگي پيش ڪنداسين .

شبلي فراز جو چوڻ هو ته اسان جي سياست جو مقصد فلاحي رياست جو قيام آهي ، اسان ذاتي مفادن جي لاءِ سياست نه ٿا ڪريون ، احتساب ، انصاف ، ميرٽ ۽ پوئتي پيل طبقي جي ترقي وزيراعظم جو وزن آهي ، اسان جو مقصد حڪومت جي ڪاميابي جي تعريف ڪرڻ نه آهي.

قانون واري وزارت رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن موجب ٻن سالن ۾ 28 ايڪٽس ٺهيا ۽ 39 آرڊيننس جاري ٿيا .

گذريل ٻن سالن ۾ قانون واري وزارت وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل 9 هزار 450 ڪيسن جي عدالتن ۾ پيروي ڪئي ، 814 سپريم ڪورٽ ،6 هزار 79 هاءِ ڪورٽ ۽ ٻيا ڪيس ٻين عدالتن ۾ هلندڙ آهن .

پرڏيهي وزيرشاهه محمود قريشي پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته گذريل دور ۾ پاڪستان جو پرڏيهي وزير ئي ڪونه هو .ٻن سالن ۾ اسان جي ڪوشش رهي ته پاڪستان جي موقف کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيون

پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو حصو آهي ، پاڪستان جو خطي جي ملڪن سان لاڳاپن ۾ وڌيڪ استحڪام آڻڻ به پاليسي جو حصو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔