اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي مولانا فضل الرحمان کي فون،سهڪار جي خاطري

اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ ) ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي حڪومت خلاف ڀرپوراپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي .

ذريعن موجب نواز شريف مولانا فضل الرحمان سان ٽيلي فونڪ رابطو ڪيو جنهن ۾ هن مولانا جي خدشن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهه ٻولهه دوران نوازشريف مولانا فضل الرحمان کي ڀرپور اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي .

ذريعن موجب نوازشريف مولانا فضل الرحمان کي چيو ته حڪومت سان ويهڻ اسان جي موقف جي خلاف آهي ، گڏيل حڪمت عملي جوڙينداسين ، اڳتي شڪايت جو موقعو نه ڏنو ويندو .

واضح رهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ بلز جي منظوري دوران وڏي پارٽين جي ڪردار سان جمعيت علماءِ اسلام ( جي يو آءِ ) جو سربراه مولانا فضل الرحمان ناراض ٿي ويو هو

جنهن کانپوءِ جي يو آءِ حڪومت خلاف اڪيلي سر تحريڪ هلائڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون هيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔