آرمي چيف جي سعودي جي نائب بچاءَ واري وزيرسان ملاقات، گڏيل دلچسپي واري معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي سعودي جي نائب بچاءَ واري وزيرسان ملاقات ٿي  آهي جنهن ۾ خطي  جي سيڪورٽي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي واري معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي .

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي سعودي نائب وزيردفاع شهزادي خالد بن سلمان سان ملاقات ٿي ،ملاقات ۾ دفاع ۽  سڪيورٽي جي شعبن ۾ سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ٿي .

ان کان اڳ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سعودي جنرل اسٽاف هيڊڪوارٽر رياض جو دورو ڪيو .

آرمي چيف جي سعودي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل فياض بن حامد ۽ ڪمانڊر جوائنٽ فورس ليفٽيننٽ جنرل (اسٽاف) فهد بن ترڪي السعود سان ملاقاتن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فوجي تربيت ۽ دفاعي سهڪارکي وڌيڪ وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔