ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙيون ٻڏڻ وارن واقعن جو مامرو سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

ڪراچي :ڪينجهر کان ڄام تماچي تائين 50 رُپيا وٺي ماڻهن کي لائيف جيڪيٽ بنا ٻيڙي ۾ ويهاريو ويندو آهي، ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙيون ٻڏڻ وارن واقعن جو مامرو سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪينجهر ۾ 3 سال اڳ ٻيڙي ٻڏي وئي ۽ هاڻي ٻيهر ٻيري اونڌي ٿيڻ وارو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، ٻيڙي هلائڻ لاءِ لائسنس جاري ڪرڻ جو ڪوبه قانون نه آهي ۽ نه ئي ڪا پاليسي آهي، زبون حال ٻيڙين ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهن کي ويهاريو ويندو آهي، درخواستگذار طرفان ايس ايس پي ٺٽو، حد جي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ انتظاميا خلاف ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔