مڪاني چونڊون وقت سر ڪرائڻ بابت درخواستن تي سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب

ڪراچي:سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني چونڊون وقت سر ڪرائڻ بابت درخواستن تي سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو آهي،عدالت چيو آهي ته مڪاني چونڊون ڪرائڻيون آهن يا نه؟، جواب ته جمع ڪرايو، لاڙڪاڻي ۽ سکر جي ميئر عدالت ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو آهي ته  28 آگسٽ تي ميئرز جو مدو پورو ٿي رهيو آهي، پوءِ ڀلي چونڊون ڪرايون وڃن اسان کي ڪو اعتراض ناهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.  درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو مدو 2 آگسٽ تي پورو ٿيڻ باوجود هن مهل تائين چونڊون ڪرائڻ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي. عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن کان 26 آگسٽ تي جواب طلب ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته چونڊون ڪرائڻيون آهن يا نه پنهنجو جواب ته جمع ڪرايو. لاڙڪاڻي ۽ سکر جي ميئر عدالت ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو ته 28 اگسٽ تي ميئر جو مدو پورو ٿي رهيو آهي ان کانپوءِ ڀلي چونڊون ڪرايون وڃن کين ڪو به اعتراض ناهي.   عدالت چونڊون نه ڪرائڻ خلاف درخواست تي تڪڙي ٻڌڻي بابت استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي 20 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔