پاڪستان فلم انڊسٽري جي ناليواري اداڪاره شبنم جي 78هين سالگره

ڪراچي:  پاڪستان جي فلم انڊسٽريءَ ۾ پاڻ مڃائيندڙ نامور پاڪستاني اداڪاره شبنم اڄ 78 هون پيدائش جو ڏهاڙوآهي.

اداڪاره شبنم 17 آگسٽ  1942ع تي ڍاڪا۾ پيدا ٿي . سندس اصل نالو جهرنا بساڪ آهي. هن فلمي دنيا ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز 1961ع ۾ بنگالي فلمن: ‘ڪاکو نو آشني’، ‘هارا نو دن’ ۽ ‘راجڌاني بوڪي’ سان ڪيو.

اردو ٻولي ۾  شبنم جي پهرين رليز ٿيندڙ فلم ‘چندا’ هئي، جيڪا 1962ع ۾ ڍاڪا ۾ ٺهي. 1960ع واري ڏهاڪي جي اڌ کان ڪراچي، سنڌ ۾ اچي رهائش پذير ٿي. 1963ع ۾ رليز ٿيندڙ اردو  فلم تلاش کيس شهرت جي بلنديءَ تي پهچائي ڇڏيو.
هن پنهنجي چاليهه سالا فني سفر ۾ لڳ ڀڳ 160 فلمن ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو،

جن مان 152 اردو، 4 بنگالي ۽ 4 پنجابي فلمون هيون. سندس رليز ٿيندڙ مشهور فلمن ۾: 1963ع ۾ ‘تلاش ‘ناچ گهر’ ۽ ‘پريت نه جاني ريت’، 1964ع ۾ ‘ڪاروان’ ۽ ‘پيسي’، 1965ع ۾ ‘آخري اسٽيشن’، ‘ڪيسي ڪهون’، ‘ڪاجل’، ‘ساگر’، 1966ع ۽ 1967ع ۾ ‘بيگانه’ ۽ ‘درشن’، 1968ع ۾ ‘جهان تم وهان هم’، ‘مين زنده هون’، ‘سمندر’، ‘شريڪ حيات’، ‘تم ميري هو’، 1969ع ۾ ‘عندليب’، ‘لاڊلا’، ‘نصيب اپنا اپنا’، ‘نازنين’، ‘ناز’، ‘قسم اس وقت ڪي’ ۽ ‘آسرا’ رليز ٿيون.

1977ع ۾ باڪس آفيس تي رڪارڊ بزنس ڪندڙ فلم ‘آئينه’ کان سواءِ ‘ميري حضور’، ‘نيا سورج’، ‘سنگم’، ‘شمع محبت’ ۽ ‘اُف يي بيويان’ فلمون رليز ٿيون.

شبنم کي سندس مڃتا طور ڪيترائي ڀيرا فلمي دنيا جي اهم ايوارڊ، ‘نگار ايوارڊ’ لاءِ نامزد ڪيو ويو، جيڪو هن 13 ڀيرا حاصل ڪيو ان کان علاوه کيس 3 ڀيرا پاڪستان نيشنل ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. هن 1964ع ۾ روبن گهوش نالي مشهور موسيقار سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس رونين گهوش نالي هڪ پٽ آهي.

1971ع ۾ بنگلاديش آزاد ٿيڻ بعد به شبنم ڳچ وقت پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪم ڪيو، بعد ۾ پاڪستاني فلمن کي هميشه لاءِ الوداع چئي بنگلايش هلي وئي. هن وقت پنهنجي ڪٽنب سان گڏ ڍاڪا، بنگلاديش ۾ رهائش پذير آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔