جاتي امراءَ ۾ زمينن تي قبضو: مريم نواز ۽ شهباز شريف کان جواب طلب

لاهور:  لاهور جي سول عدالت مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي صدر شهباز شريف ۽ نائب صدر مريم نواز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

عدالت جاتي امرا ۾ چار هزار ايڪڙ زمين تي مبينه قبضي بابت جواب طلب ڪيو آهي ۽ 20 آگسٽ تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. درخواست ڏيندڙ استدعا ڪئي آهي ته  نوازشريف  جاتي امراءِ ۾  اباڻن جي زمين تي غيرقانوني قبضو ڪيو.

ياد رهي ته نيب به مريم نواز جي ايراضي بابت جاچ ڪري رهيو آهي. قومي احتساب بيورو لاهور مختلف موضوعن تي جاتي امراءَ جي چوڏنهن سئو چاليهه ڪئنال ايراضي جون رسيدو گهريون آهن. نيب ذريعن موجب رائيونڊ ايراضي ڪيس ۾ مريم نواز کان پوءِ نوازشريف ۽ ان جي والده شميم بيگم کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. مريم نواز تي رائيونڊ ۾  قانون جي خلاف ايراضي سستي دامن خريد ڪرڻ جو الزام آهي. نيب مريم نواز کان هڪ هزار 440 ڪئنال ايراضي تي جواب  طلب ڪيو آهي.

نيب مريم  نواز کان پڇيو آهي ته زمين خريد ڪرڻ لاءِ رقم ڪٿان کان آئي. ايراضي جي خريداري تي ڪيترو ٽيڪس ۽ ڪيتري ڊيوٽي ڏني. هڪ هزار 400 ڪئنال مان جيڪڏهن ڪابه زمين وڪرو ڪئي وئي ته ان جا تفصيل به فراهم ڪيا وڃن.. ٻڌايو وڃي ته حاصل ڪيل زمين ڪهڙي مقصد جي لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔