سنڌ هاءِ ڪورٽ کنڊ ڪميشن کي غيرقانوني ۽ ڪميشن جي رپورٽ کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ کنڊ ڪميشن کي غيرقانوني ۽ ڪميشن جي رپورٽ کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت طرفان لکت ۾ جاري ٿيل فيصلي ۾ نيب، ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي کي ڌار ڌار جاچ ڪرڻ جو حڪم، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته نيب ۽ ايف بي آر ڪميشن جي رپورٽ کان هٽي ڪري غيرجانبداراڻي جاچ ڪن، نيب آرڊيننس موجب جاچ مڪمل ڪري رپورٽ کنڊ ڪميشن ڏانهن اُماڻي وڃي، ڪميشن ۾ کنڊ جي صنعت بابت ڄاڻ رکندڙ ماڻهن کي به شامل ڪيو وڃي، ڪنهن حڪومتي عهديدار اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو آهي ته قانون موجب جاچ ڪئي وڃي، ايف بي آر ٽئڪس قانون موجب کنڊ معاملي جي جاچ ڪري، ايف آءِ اي به کنڊ ڪميشن جي رپورٽ کي نظرانداز ڪري معاملي جي نئين سِر جاچ ڪري، ايس اي سي پي ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي به اڳوڻي رپورٽ مان متاثر ٿيڻ بنا پنهنجي ذميواري نڀائڻ جو به حڪم، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جون ڪاپيز نيب چيئرمين، ڊي جي ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي چيئرمين ڏانهن به اُماڻيون ويون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔