سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب 5 مهينن کان بند درگاهون زائرين لاءِ کوليون ويون

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب 5 مهينن کان بند درگاهون زائرين لاءِ کوليون ويون، ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽ سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز جي درگاهه زائرين لاءِ کولي وئي، پانڌيئڙا زيارت لاءِ پري پري کان پهچڻ لڳا، درگاهن تي سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت، ڪورونا ايس او پيز تي به عملدرآمد ٿيڻ لڳو، سيوهڻ ۾ درگاهه جي مک گيٽ وٽ 5 سينيٽائيزر گيٽ لڳايا ويا، زائرين کي ايس او پيز تحت هڪ ئي وقت ۾ سئو زائرين کي زيارت جي اجازت ڏني پئي وڃي، ڀٽائي جي درگاهه تي پهتل پانڌيئڙن پاران درگاهه کُلڻ تي خوشي جو اظهار،ڪورونا وبا جي خاتمي ۽ ملڪي سلامتي لاءِ دعائون گهريون ويون، حضرت سچل سرمست جِي درگاهه سميت ٻيون درگاهون به اڄ کان کُلي وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔