ڀلي سڄو خاندان گرفتار ڪيو وڃي، 18هين ترميم تي رُهنڊ به اچڻ نه ڏبي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد : ڀلي سڄو خاندان گرفتار ڪيو وڃي، 18هين ترميم تي رهنڊ به اچڻ نه ڏني ويندي، حڪومت مون سان ۽ منهنجي خاندان سان نفسياتي ويڙهه ڪري رهي آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پيپلز پارٽي جمهوريت، اين ايف سي ايوارڊ ۽ 18هين ترميم تي پنهنجي موقف تان ڪنهن به صورت ۾ نه هٽندي، اسان يحيٰ، ضياءُ ۽ مشرف جهڙي آمريت جو به مقابلو ڪيو آهي، ڪٺ پُتلي ۽ جعلي حڪومت وڌيڪ عرصو نه هلي سگهندي، اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت کي آصف زرداري مان ايڏو خوف جو پوليس بيهاري وئي، اڄ ٻيهر اسلام آباد کي يرغمال بڻايو ويو آهي، احتساب عدالت کي آزاد هجڻ گهرجي، اپوزيشن ۽ احتساب عدالت تي دٻاءُ وجهڻ واري حڪومتي ڪوشش ناڪام بڻائي ويندي، اسان کي عدليه مان انصاف جي اُميد آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔