جولاءِ ۾ پرڏيهه کان ايندڙ ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيوآهي ته ملڪ جي معيشت بابت وڌيڪ سٺيون خبرون اچي رهيون آهن.

عمران خان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو  آهي ته اوورسيز پاڪستانين جي موڪليل ناڻي جو ڪاٿو جولاءِ ۾ 2 ارب 76 ڪروڙ 80 لک ڊالر لڳايو ويو آهي، جيڪا پاڪستان جي تاريخ ۾ سمنڊ پار رهندڙ پاڪستانين پاران موڪليل رڪارڊ رقم آهي.

وزيراعطم وڌيڪ چيو ته جون 2020 جي ڀيٽ ۾ موڪليل ناڻي ۾ 12 ڏهائي 2 سيڪڙو واڌ ٿي آهي جڏهن ته جولائي 2019 جي مقابلي ۾ موڪليل ناڻي جو اضافو 36 ڏهائي 5 سيڪڙو آهي .

آزادي واري ڏهاڙي جي موقعي تي به وزيراعظم عمران خان قوم کي خوشخبري  ٻڌائيندي چيوهو ته آءِ پيز سان معاهدو ٿي ويو آهي ، هاڻي بجلي جا اگهه هيٺ  ايندا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔