توشه خان ريفرنس ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد : اسلام آباد جي احتساب عدالت توشه خان ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني تي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ريفرنس تي ٻڌڻي 9 سيپٽمبر تائين ملتوي، عدالت آصف زرداري کي ايندڙ ٻڌڻي تي به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ريفرنس ۾ نامزد جوابدار عبدالغني مجيد ۽ انور مجيد تي به فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وڊيو لنڪ ذريعي حاضري واري درخواست رد ٿيڻ بعد اڳوڻو صدر آصف زرداري اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، آصفه ڀٽو زرداري والد سان گڏ عدالت پهتي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به احتساب عدالت ۾ موجود، احتساب عدالت جو جج اصغر علي آصف زرداري ۽ ٻين خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي، آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ جا دليل، ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيلن ۽ نيب پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي وچ ۾ منهن ماري پڻ ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔