5 مهينن کانپوءِ اڄ کان موهن جو دڙو ايڪسپريس ريل گاڏي ٻيهر هلائي ويندي

لاهور : اڄ کان موهن جو دڙو ايڪسپريس ريل گاڏي ٻيهر هلائي ويندي ،ريلوي کاتي موهن جو دڙو ايڪسپريس 17 آگسٽ کان هلائڻ جو باضابطا طور اعلان ڪري ڇڏيو

اها ٽرين ملتان کان ڪراچي سٽي ۽ واپس ان ئي روٽ تي هلائي ويندي، 5 مهينن کان پوءِ اها اڪيلي ٽرين لاڙڪاڻي مان گذرندي.

ريلوي ذريعن موجب موهن جو دڙو ايڪسپريس منجهند 2 لڳي 45 منٽن تي ڪراچي سٽي کان رواني ٿي ايندڙ ڏينهن 3 لڳي 20 منٽن تي ملتان پهچندي.

اها ئي ريل ملتان کان صبح 6 وڳي رواني ٿي ايندڙ ڏينهن صبح 6 لڳي 20 منٽن تي ڪراچي سٽي پهچندي.

اها اڪيلي ٽرين آهي، جيڪا لاڙڪاڻي ۾ 5 منٽ اسٽاپ ڪري الڳ الڳ وقتن ۾ ڪراچي ۽ ملتان لاءِ رواني ٿيندي.

موهن جو دڙو ايڪسپريس جي نئين روٽ ۾ ڊيرا غازي خان، ڪشمور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، دادو، سيوهڻ، ڪوٽڙي ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون اسٽيشنون شامل آهن.

اها ٽرين پنهنجي رستي کان ٿيندي لاڙڪاڻي مان گذرندي، ان کانسواءِ لاڙڪاڻي مان ڪا به ٽرين ڪنهن علائقي لاءِ ناهي هلائي ويندي.

.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔