ڪراچي جي سڌاري لاءِ 3 وڏين پارٽين جو گڏجڻ سٺو سنوڻ آهي

      پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ ۽ متحده پاڪستان ۾ ڪراچي جا مسئلا گڏجي حل ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي ، چيو وڃي ٿو ته ڪميٽي ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ ترقياتي ڪمن آڏو رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي.

      ڪراچي شهرجيڪو ملڪ جي مڙني شهرن کان وڌيڪ ڪمائي ڏئي ٿو ، ان شهر کي هر دور ۾ نظر انداز ڪيو ويندو رهيو آهي .

هي شهر سدائين سياست جي ورچڙهيل رهيو آهي ، ڪڏهن ڪا پارٽي ان کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪندي رهيوآهي ته ڪڏهن وري بدانتظامي سبب هي شهر ڀوڳيندو رهيو آهي .

      ڪراچي پاڪستان جو اهو اڪيلو شهر آهي جتي سڄي ملڪ جا ماڻهو نه رڳو رهن ٿا پر اتي ججهو ڪمائين به اٿا پر افسوس جو اهي سڀئي پاڪستاني جيڪا هتان ڪمائين ٿا اهي هن شهر کي ٺاهڻ يا سنوارڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار به ادا ڪونه پيا ڪن .

     هرڪوئي هن شهر کي ٺاهڻ بدران ڊاهڻ ۾ پورو آهي،موجوده حڪومت ۾ به هن شهر کي سياست جي ور چاڙهيو ويو جنهن ڪري شهر جي صفائي سٿرائي ۽ ترقياتي ڪمن ۾ کيس پوئتي ڌڪيو ويو .

      انتظامي سطح تي ويٺل اختياريون رڳو هڪ ٻئي تي الزام ئي مڙهينديون رهيون پر عملي طور تي ڪنهن به هن شهر جي سڌاري لاءِ هڪ قدم به اڳتي نه وڌايو .

     اهڙِي صورتحال ۾ ضروري هو ته  ڪراچي سميت سنڌ مان چونڊيل پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ، جي ڊي اي، جي يو آءِ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا نمائندا هن شهر جي حال کي بدلائڻ لاءِ ڪو گڏيل ڪردار ادا ڪن .

     اهڙي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي ، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو شهر جي سڌاري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق وارو فيصلو نهايت ئي وقتائتو ۽ ڪراچي لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو .

     هن وقت ٽنهين پارٽين کي پنهنجي پنهنجي انفرادي مفادن کي پاسي رکي شهر جي بهتري ۽ سڌاري لاءِ فوري طور تي ڪي تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن جنهن سان هن شهر جي وڃايل رونق ۽ ساک واپس ٿي سگهي .

     هن شهر جو عوام ۽ ساڃاهه وند ٽنهين پارٽين جي اڳواڻن کان اها اميد  ڪن ٿا ته اهي سنجيدگي سان سڀني مفادن کي پاسي رکي سچائي ۽ ايمانداري سان هن شهر جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيندا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔