اڳوڻو صدر آصف علي زرداري توشه خانه ريفرنس ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش

اسلام آباد: اڳوڻو صدر آصف علي زرداري توشا خانه ريفرنس ۾ اڄ احتساب عدالت اسلام آباد ۾ پيش ٿيو آهي.

آصف علي زرداري پيشي جي موقعي تي عدالت اچڻ وقت ڪورونا کان بچاءَ لاءِ اين 95 ماسڪ لڳائي آيو ، .

ساڻس گڏ بلاول ڀٽو زرداري، ننڍڙِي ڌيءَ آصفه ڀٽو ۽ ٻيا اڳواڻ هئا . آصف علي زرداري جي عدالت واري ڪمري ۾ پهچڻ کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري پارٽي ورڪرز کي عدالت کان ٻاهر موڪلي ڇڏيو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو وڪيلن جي مددگارن کي به چيو ته ڪورونا پيو هلي اهي ڪجهه خيال ڪن ۽ ٻاهر هليا وڃن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔