لاکيڻي لطيف حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه اڄ 17 آگسٽ کان پانڌيئڙن لاءِ کولي ويندي

ڪراچي: ڀٽائي جي پانڌيئڙن لاءِ خوشخبري آهي ته سنڌ جي سرموڙ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه اڄ 17 آگسٽ کان کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، 5 مهينن کان بند پيل درگاهه کي اڄ کولڻ لاءِ تياريون مڪمل ٿي ويون آهن ، اوقاف کاتي طرفان درگاهه ۾ صفائي ڪرائي وئي، ضلعي انتظاميا درگاهه تي ايندڙ پانڌيئڙن لاءِ ايس او پيز جاري ڪري ڇڏيون، درگاهه جي ٻن دروازن تي سينيٽائيزرس لڳائڻ جو فيصلو ڪيوو يو ، پانڌيئڙن کي سماجي وٿي يقيني بڻائڻ جي هدايت، ڪئي وئي آهي ، انتظاميا طرفان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته درگاهه کي صبح جو 5 کان رات 10 وڳي تائين کوليو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔