پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ ۽ متحده پاڪستان ۾ ڪراچي جا مسئلا گڏجي حل ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي: پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ ۽ متحده پاڪستان ۾ ڪراچي جا مسئلا گڏجي حل ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي ، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقاتن دوران ٽنهي پارٽين جي نمائندن تي ٻڌل مشاورتي ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقاتن ۾ گورنر عمران اسماعيل، وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ميئر ڪراچي به موجود هئا، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاق سان ڳالهين جا 2 دور ٿي ويا، ڪميٽي ۾ وفاق ۽ سنڌ جا 3-3 نمائندا شامل هوندا، وفاق مان اسد عمر، علي زيدي ۽ امين الحق کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، سنڌ حڪومت طرفان صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سعيد غني کي شامل ڪيو، ڪميٽي جو چيئرمين وڏو وزير هوندو، ڪميٽي ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ ترقياتي ڪمن آڏو رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔