يارنهن کان پوءِ ٻارنهن موٽرسائيڪلن مٿان ٽپو ڏيندڙ پاڪستاني نوجوان رڪارڊ ٺاهي ورتو

سرگودها: بکر جي باصلاحيت نوجوان 12 موٽرسائيڪلن جي مٿان ٽپو ڏيڻ جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي.رپورٽ موجب بهکر جي علائقي بهل نشيب جي رهواسي نوجوان دلاور خان بلوچ پاڙيوارن جي موجودگي ۾ 12 موٽر سائيڪلن جي مٿان ٽپو ڏيڻ جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪاميابي سان موٽر سائيڪلن کي پار ڪيو. ياد رهي ته ان کان اڳ سنڌ سان تعلق رکندڙ نوجوان محمد آصف مگسي جي 11 موٽر سائيڪلن جي مٿان ۽ شاخ کي پار ڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔